سرمست 29

سرمست 29

سرمست 29

سرمست- 29: ’سرمست‘ جي 29 ڪڙيءَ جو مرتب مولا بخش لاڙڪ ۽ ٻانهن ٻيلي قربان منگي ۽ امر اقبال آهن، گذريل ادبي ڪانفرنس جي تصويري خبرنامي کانپوءِ شايع ڪيل مقالن جي ترتيب هن ريت آهي:
(1) سچل سرمست جو وحدت نامو ڪبت جي صنف ۾ (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو)، (2) سچل سائين اينيمري شمل جي نظر ۾(ڊاڪٽر هدايت پريم)، (3) سماجوادي شاعر، سچل (ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو)، (4) خدائي جون رمزون (عبدالغفار صديقي)، (5) سچل سرمست جي سرائيڪي ڪلام ۾ حسن ۽ عشق جو اذڪار (ڊاڪٽر بشير احمد شاد)، (6) سچل سـرمسـت جي مـثـنـوي دردنامي جو مطالعو (ڊاڪٽر انـور فگار هـڪـڙو)، (7) سچل جو صوتي وحدت الوجود (برڪت بلوچ)، (8) سچل سرمست جو مثالي انسان (موهن لال پريمي)، (9) سچل جي ڪلام ۾ سماجي فڪر (نجمه نور ڦلپوٽو)، (10) حضرت سچل سرمست جو عشق خدا ڏانهن عروج (مولانا عبداللطيف سڪندري)، (11) سنڌ ۾ اردو شاعريءَ جو مطالعو ۽ سچل سرمست (محمد پنهل ڏهر)، (12) سچل جو فڪري مرشد- حسين بن منصور (امام راشدي)، (13) سچل سائينءَ جي زندگيءَ سان وابسته عورتون (مهر خادم)، (14) پاڻ سڃاڻڻ جو فلسفو ۽ ان جون صورتون (حزب الله آءِ. سومرو)، (15) حضرت سچل سرمست جي دور ۾ لوڪ ادب جي حيثيت (سگهڙ حسين بخش رڏ)، (16) سچي سائينءَ جو سچو عاشق ۽ شارح: قاضي علي اڪبر درازي (غوث بخش عباسي)، (17 سچل سرمست جي ڪلام ۾ حرف جر Pre positive ۽ Post Position جي خصوصيت (مجاهد حسين سولنگي)، (18) سچل جي ڪلام ۾ صوفيءَ جي سڃاڻ (سيما)، (19) اندر جو آئينو ۽ سچل سائينءَ جو پيار ڀريو پيغام (خواجه ذوالفقار)، (20) ڪپ دوئي جا دوال ميان! (فقير عطا فولادي)، (21) سچل سائين هندو ليکڪن جي نظر ۾ (علي حسن سرڪي)، (22) حضرت سچل سرمست جي شاعريءَ ۾ خدا پاڪ سان عشق جو ناتو (علي نواز ڪلهوڙو)،
(23) Sachal the Beloved in the Self: Dr. Sagar Abro.
ڊيمي سائيز جي 176 صفحن تي مشتمل ’سرمست‘ جو هي شمارو 2008ع ۾ سچل يادگار ڪميٽي خيرپور ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ ان جي قيمت 100 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو